گامڻ

گامڻ (لوڪ گيت): هيءُ لوڪ گيت سنڌ جي سـِـري ۽ اولھه طرف ’ڪاڇي‘ ۾ گهڻو رائج آهي. هيءُ گيت مضمون جي لحاظ کان ’عام روايتي لولين‘ ۽ ’ٻيلڻ‘ جي سلسلي جو گيت آهي. گامڻ جي مضمون مان معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ گيت انهن قبيلن جو آهي، جن جو ڪم اُٺن تي بار لڏڻ آهي. لولي، ٻيلڻ ۽ گامڻ ۾ مکيھ فرق، آلاپ ۽ آخري وراڻيءَ جو آهي، نه ته ٽنهي لوڪ گيتن ۾ ساڳين ئي جذبن جو اظھار ٿيل آهي.
هيءُ محبت ۽ مجاز جو گيت آهي، جنھن ۾ لفظ ’گامڻ‘ جو مقصد آهي ’دوست‘. سنڌ ۾ مرد جو نالو به ’گامڻ‘ رکيو ويندو آهي. ڀانئجي ٿو ته گامڻ نالي ڪو شخص اُٺن جو وڳ ڪاهي، لاڙ طرف ويو هو ۽ سندس جدائيءَ ۾ سندس زال هيءُ گيت چيو هوندو. هي گيت ’ٻيلڻ‘ وانگر سرائڪي ٻوليءَ ۾ چيو ويو آهي.
گـَـلڙا ڀي آيا، ميڏا سانول نه آيا،
ڪنھن ڪنون پڇان، سارا ساٿ پرايا -
گامڻ وو.
اڳيان نه رو وو، ٿيوو ڀي سياڻيان،
جهلو ته پاڻي، پير سانول دا سڃاڻان -
گامڻ وو،


لفظ گامڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو