گاڏهي

گاڏهي (ذات): گاڏهي، مزاري قبيلي جي رندن جي نُک آهي. گاڏهي چوپايو مال چاريندڙ ۽ ڌنار رهيا آهن. سنڌ ۾ مختلف علائقن ۾ گاڏهي آباد آھن. بلوچستان، پنجاب ۽ ڀارت جي به ڪن علائقن ۾ گاڏهي رهن ٿا. ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ بڙدي قبيلي جا 24 پاڙا لکيل آھن، انهن مان هڪ پاڙي جو نالو ’گاڏهي‘ لکيل آهي.
ڪتاب ’گاڏهي قبيلي جي مختصر تاريخ‘ ۾ ڄاڻايل آهي: ”گاڏهي بلوچ اصل ۾ مير جلال خان بلوچ جي پٽ مير رند خان جي اولاد مان آھن ۽ هي رند بلوچن جي قبيلي جي شاخ مان آھن، مير رند خان جي اولاد ۾ هڪ سردار مير گادم خان رند جي نالي سان ٿي گذريو آهي. هي سردار هجڻ سان گڏ وڏو سخي، بردبار ۽ امن پسند هو. سندس وفات کانپوءِ سندس اولاد پاڻ کي گادهي رند سڏرائڻ لڳا، جيڪو لفظ اڳتي هلي گاڏهي ٿي ويو.“ ڪتاب ’سماٽ‘ ۾ جتن جي احوال ۽ انگريزن جي طرفان ڪرايل آدمشماري 1911ع ۽ 1931ع ۾ ’گاڏهي‘ قبيلي کي جتن جي هڪ ذات ڄاڻايو آهي.
ڪتاب ’تواريخ ديره غازي خان‘ ۾ ڄاڻايل آهي ته گاڏهي، ’جت‘ آھن. ڪن حوالن مان معلوم ٿئي ٿو ته لغارين ۾ پڻ ’گاڏهي‘ پاڙو آهي. گاڏهي بلوچ، سرائيڪي، جتڪي ۽ بلوچي زبان ڳالهائين ٿا. سنڌ ۾ ٽالپرن جي دور حڪومت دوران گاڏهي ذات جا ماڻهو ٽالپر حڪومت جي مختلف شعبن ۾ گڏ رهيا. اهڙو احوال ’تاريخ ٽالپر‘ ۾ ڏنل آهي. ھنن جا خاص پاڙا: بالڇاڻي، حمزاڻي، حسناڻي، حملاڻي، خوشالاڻي (خوشحالاڻي)، ککراڻي، لڌاڻي، الياڻي، خميساڻي، صاحباڻي، مزاري، محمداڻي، موسياڻي، آڍاڻي (جاڙواڻي)، بالشاهي، جاڙواڻي (آڍاڻي)، جهنڊاڻي، حملاڻي، دازاڻي، رھناڻي، شاهاڻي، عيداڻي، فيراڻي ۽ ماڻڪاڻي وغيره آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو