گاڏيءَ وارو لڪ

گاڏيءَ وارو لڪ: هي لڪ مٺيءَ کان اولھه طرف ٻن ميلن جي مفاصلي تي نئين ڪوٽ ڏانھن ويندڙ رستي مٿاهين تي آهي. نالي بابت روايت آهي ته ھن رستي تان هڪ ڀيري ڍڳا گاڏين ذريعي لوهارن جو قافلو لنگهندي، چڙهائي ۾ گاڏين جي ڦاسڻ سبب هڪ گاڏي ڀڄي پئي هئي، جيڪا گهڻي وقت تائين اُتي ئي رهي. تنھنڪري ان تي ’گاڏي وارو لڪ‘ نالو پئجي ويو.


لفظ گاڏيءَ وارو لڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو