گاگسنگهه آتمارام آڏواڻي

گاگسنگهه آتمارام آڏواڻي: ڊراما نويس ۽ مترجم گاگسنگهه آتما رام آڏواڻي 1863ع ڌاري شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. هُو ’ناٽڪ ڌرم اپڪار اميچوئر ڊرئميٽڪ سوسائٽي‘، شڪارپور سان واڳيل هو، جنھن جي پليٽ فارم تان ھندي ناٽڪ ’شڪنتلا‘ جو 1897ع ۾ ’شڪنتلا دشنت‘ جي نالي سان ترجمو ڪري، اسٽيج تي پيش ڪيو ويو، جيڪو 1898ع ۾ سنڌيءَ ۾ ڇپيو. ان کانسواءِ سندس لکيل ڊراما ’مھا انڌير‘ 1904ع ۾ ۽ ’ڊاڪٽر شام نارائڻ‘ 1915ع ۾ اسٽيج ٿيا. سندس لاڏاڻو 1915ع ۾ ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو