گبول

گبول (ذات): ھن ذات وارا گبول خان بلوچ جو اولاد آھن، جيڪي سنڌ جي مختلف علائقن ۾ گهوٽڪي، ڪاڇي، ڪوهستان، ڪراچي ۽ ٻين جاين تي آباد آھن. مرزا قليچ بيگ جي ڪتاب ’قديم سنڌ ان جا مشھور شھر ۽ ماڻهو‘ ۾ ص 300 تي لکيل آهي ته بڙدي يا بليدي جي هڪڙي چڱي مڙس زيندي خان کي ٻھ پٽ هئا، هڪ سندر خان ۽ ٻيو حاجي خان. سندر خان جي اولاد مان ’گبول‘ آھن. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچجامع سنڌي لغات‘ ۾ لکيو آهي ته ’گبول‘ بڙدين جي هڪڙي پاڙي جو نالو آهي.
ايس. صادق علي لکي ٿو: ’گبولڪرمتي جتن مان آھن. هي گبول، گبول خان ڪرمتيءَ جو اولاد آھن. ڪتاب ’بلوچ قبائل‘ ص 65 تي لکيل آهي ته ديري غازي خان ۾ رھندڙ لاشارين جي هڪ پاڙي جو نالو پڻ ’گبول‘ آهي. مير شھڪ خان بلوچ، گبولن جي مدد سان سبي فتح ڪئي هئي، ان وقت گبولن جو مورث اعليٰ گبول خان هو.گبول جي معنيٰ فوج جو بھادر سپھه سالار آهي. انھن گبولن جا خاص پاڙا: آکوواڻي، باغلاڻي، جلالاڻي، جنگواڻي، جيوڻاڻي، ڇالاکاڻي، حاجواڻي، حمزاڻي، ديرکاڻي، فوجاڻي، ڪراراڻي (قراراڻي، ڪرملاڻي، لالاڻي (لالھاڻي)، هالواڻي، منڌرا، منڌراڻي، نورنگاڻي، هسواڻي، حسناڻي، ولياڻي، احمداڻي، بلنداڻي، جلواڻي، گوهراڻي، بابلاڻي، آزاداڻي (آزاخاڻي)، ڇلگري، هيجباڻي، بنگلاڻي ۽ ساڪرائي آھن. گبول سنڌ کان ٻاهر به رھن ٿا.


لفظ گبولھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو