گجرات سنڌي اڪيڊمي: ڊائريڪٽوريٽ آف لئنگويجز، گجرات پاران 1987ع ۾ ٻين ٻولين سان گڏ سنڌي ٻوليءَ لاءِ الڳ ’گجرات سنڌي اڪيڊمي‘ قائم ڪئي وئي. جنھن جو پھريون چئرمئن 1986ع ۾ هسمک ڀائي پٽيل ۽ وائيس چئرمئن ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي هو. ھن اڪيڊميءَ جي ٺھڻ کان اڳ گجرات سرڪار جي ڊائريڪٽوريٽ آف لينگويجز طرفان سنڌي ادب جون ڪيتريون رٿائون هلندڙ هيون، جيڪي اڪادميءَ کي سونپيون ويون. انهن رٿائن ۾ بھترين ڪتابن جي چونڊ ڪري انهن کي انعام ڏيڻ، ليکڪن جي مالي سھائتا ڪرڻ، نون ليکڪن جي اُتساهه لاءِ انهن جا ڪتاب ڇپائڻ ۽ ليکڪن کي ھن اڪيڊميءَ پاران ڪتابن ڇپائڻ لاءِ گرانٽ ڏيڻ پڻ شامل آهي. ان سان گڏ ھن اداري پاران ٻارن جي ادب تي به ڪم ٿيندو رهي ٿو، ٻارن لاءِ هڪ الڳ سان رسالو پڻ جاري ڪيو وڃي ٿو. هن وقت اڪيڊمي جو چئرمئن ڀاگيس جھا آهي.