گجرذات

گجر (ذات): هي سنڌ، پنجاب ۽ راجپوتانا ۾ آباد آهن. گجرات شھر هن ذات جي نالي پٺيان پيو. گجرن لسٻيلي تي قبضو ڪري حڪومت ڪئي، جن کان وري رونجهن حڪومت حاصل ڪئي. گجر، راجپوتن سان ملي پاڻ کي سورج ونسيءَ جو اولاد چوائيندا هئا. هن وقت گجر، راجپوتن، چوهاڻن، سوڍن ۽ برهمڻن سان شامل آهن. گجر قبيلي جا ڪافي ماڻهو مسلمان ٿيا آهن. سماٽ ۾ پڻ ’گجر‘ آهن. مشھور عشقيه داستان جي مک ڪردار مومل (شاهه جي سورمي) گجر هئي. ڪن محققن موجب گجر ۽ گوجر ساڳي ذات آهي، جن جو واسطو سنڌ جي جتن سان آهي. زماني جي گردش، لاهن چاڙهن وغيره جي ڪري ايران ۽ افغانستان تائين وڃي آباد ٿيا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو