
گجڻ اوڏ
گجڻ اوڏ (راڳي): راڳي گجڻ اوڏ ڳوٺ ڪورڪي، ضلعي خيرپور جو رهاڪو هو. ھن راڳي هجڻ سان گڏ سنڌي ۽ اوڏڪي لھجي ۾ شاعري به ڪئي. شروع ۾ راڳ جي سکيا وٺڻ کانسواءِ رڳو پنھنجي شاعري ڳائيندو هو. سندس ڀائر ساڻس گڏ سازن تي سنگت ڪندا هئا، جن ۾ وڏو ڀاءُ لکي اوڏ بانسري، ٻيو ڀاءُ خان اوڏ بينون ۽ ٽيون ڀاءُ دادلو اوڏ نڙ وڄائيندو هو. ان وقت شادين، ڳوٺاڻين محفلن ۽ درگاھن تي ٿيندڙ ميلن ۾ ڳائيندو هو. استاد گلزار علي خان کان راڳ جي تربيت ورتائين. گجڻ اوڏ انڊيا پھريون ڀيرو 1995ع ۾ ويو، جتي هن آل انڊيا ريڊيو تي ڳايو. هن اوڏڪي لھجي ۾ به ڳايو. 2016ع ۾ ديھانت ڪيائين.