گدا حسين سمو: فقير گدا حسين ولد محمد موريل سمي جو اصل ڳوٺ قائم الدين وڌيو، تعلقو ڳڙهي ياسين، ضلعو شڪارپور هو. بعد ۾ سندس وڏا هجرت ڪري ضلعي لاڙڪاڻي جي شھر رتيديري ۾ اچي آباد ٿيا. هڪ روايت موجب فقير گدا حسين پنھنجي خاندان جو پهريون فرد هو، جنهن موسيقيءَ جي ميدان ۾ پير پاتو، ان کان اڳ مڱڻهار هجڻ باوجود سندن خاندان مان ڪوبه هن فن سان وابستہ نہ هو. فقير گدا حسين طبلي، پڪواز ۽ ڇانڀي (جنهن کي عام لفظن ۾ دهل چيو وڃي ٿو) جو وڄتيو هو. فن جي سکيا استاد حاجي خان دوداپوريءَ کان ورتائين. گدا حسين درگاھہ جهوڪ شريف جو طالب ٿيو، ۽ ’گدا فقير‘ جي نالي سان مشھور ٿيو. فقير گدا حسين جهوڪ جي درگاھہ جي ويراڳي فقيرن سان رهڻ ڪري اتر سنڌ سان گڏ لاڙ واري خطي ۾ بہ گهڻو وقت پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو. هو نہ رڳو هڪ طبلي نواز ۽ دهلاري هو، پر هڪ داناءُ شخص، ڪچهرين جو مور، ڳالهين جو ڳهير ۽ طنز ۽ مزاح ۾ ڀڙ هو. کيس لطيف سرڪار جي شاعريءَ سان گهرو لڳاءُ هوندو هو. سندس انهن ئي گڻن جي ڪري جهوڪ ڌڻيءَ جي پيارن ۽ ويجهن فقيرن ۾ شمار ٿيندو هو. >فقير گدا حسين طنز ۽ مزاح جي حوالي سان وقت جي اميرن توڙي فقيرن: شھيد ذوالفقار علي ڀٽي، وڏيري نيڪ محمد خان اوڍي، مخدوم طالب المولى، فقير غلام مصطفى جوکيي ۽ ٻين جي اوطاقن ۾ ٿيندڙ ڪچهرين جي جان هوندو هو. سندس يادگار ٽوٽڪا، چرچا ۽ لطيفا سمورين ڪچهرين جي سونهن هوندا هئا. هيءُ فقير خداداد خوبين سان مالا مال هوندو هو، عمر جي آخري ڏينهن ۾طنز و مزاح ڪندي پنهنجن وڇڙي ويل ساٿين کي ساريندي ڳل آلا ڪري ويهندو هو. فقير گدا حسين 13 آگسٽ 2003ع تي وفات ڪئي، سندس آخري آرامگاھہ رتيديري ۾ سيد نادر شاھہ جي درگاھہ جي احاطي ۾ آهي. سندس ڇڏيل فني ورثي جو وارث سندس پٽ علي گل سمي جي صورت ۾ موجود آهي، جيڪو دهل جو وڄتڪار آهي.