گراموفون

گراموفون/فونو (سائنس/ ايجاد): موسيقيءَ جو هڪ آلو/اوزار، جنھن ذريعي آواز رڪارڊ ڪري ٻڌي سگهبو هو/آهي. ھن کي ’فونو گراف‘ توڙي ’رڪارڊ پليئر‘ جي نالن سان پڻ سڏجي ٿو. ھن آوازي اوزار جي ايجاد انگريز سائنسدان ٿامس ايڊيسن 1877ع ڌاري ڪئي. 1880ع ڌاري گراهم بيل جي ليبارٽري وولٽا هن ۾ بھتري آڻي گرامو فون جو نالو ڏنو. ھن ايجاد جي ذريعي صرف آواز کي محفوظ ڪري سگهيا، جنھن ذريعي رڪارڊ ڪيل آواز کي آسانيءَ سان ڪنھن به وقت ٻڌي سگهبو هو. هي اصطلاح يوناني لفظ Phone يعني آوازي Graphs يعني لکڻي/لکڻ مان ورتل آهي. ھن سان سلهاڙيل هڪ ٻيو اصطلاح ’گراموفون‘ پڻ يوناني ٻوليءَ مان ورتل آهي، جنھن ۾ Gramo جي معنيٰ اکر لکڻ ۽ Phone جي معنيٰ آواز آهي. سڀ کان پھرين دي گرام فون ڪمپني لميٽيڊ، انگلينڊ جي شھر لنڊن ۾ 1890ع ۾ ٺھي. جنھن کي پوءِ 1897ع ۾ ’دي هز ماسٽرز وائيس ڪمپنيءَ‘ جو نالو ڏنو ويو. هن کي فونو يا چينجر به ڪوٺيو ويندو هو، ڇو ته برطانيھ ۾ ڪجهه ڪمپنيون ان کي رڪارڊ چينجر جي نالي سان به ٺاهينديون هيون. سنڌ ۾ عام طور ان کي گراموفون ئي ڪوٺيو ويندو هو. شروعات ۾ رڪارڊ وڄائڻ لاءِ ان ۾ هڪ هينڊل جي مدد سان چاٻي ڀري ويندي هئي ۽ پوءِ ان جي هٿئي وانگر گول سطح تي ٺڪر (پوءِ پلاسٽڪ) مان ٺھيل رڪارڊ رکي هڪ سُئي واري لچڪدار هٿئي جي مدد سان رڪارڊ وڄائيو ويندو هو. چاٻيءَ تي ڦرندڙ ٺڪر جي رڪارڊ مٿان آواز، هٿئي واري سئي جي مدد سان ئي گونجندو هو. اها سئي ٻھ ٽي رڪارڊ ٻڌڻ کان پوءِ گسجي ويندي هئي، جنھن بعد وري هٿئي ۾ نئين سُئي ھنئي ويندي هئي. شروع واري گراموفون ۾ آواز کي گونجائڻ وارو اسپيڪر هٿئي جي مھڙ واري جاءِ تي لڳل هوندو هو.
گرامو فون، اوڻهين صدي عيسويءَ ۾ آواز کي محفوظ ڪرڻ لاءِ هڪ سٺي ايجاد ثابت ٿي. سنڌ ۾ڪيترن ئي راڳين جي ڪلامن، گراموفون وسيلي مقبوليت ماڻي. موسيقيءَ مان لطف وٺڻ جو هي اوزار سنڌ ۾ 1970ع واري ڏهاڪي تائين هليو. ڪئسٽ رڪارڊ اچڻ کان پوءِ گراموفون جي اهميت گهٽجي وئي.


لفظ گراموفونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو