گراڻو گِهراڻو

گراڻو/گِهراڻو: هڪ سماٽ قبيلو. ھنن جي اڪثريت نصرپور، بدين ۽ ٺٽي ضلعي ۾ رهي ٿي.’جامع سنڌي لغات‘ ۾ گِراڻو جي معنى ’ڪپڙي ٺاهڻ وارو‘ آهي. ڪپڙي ٺاهڻ واري کي ڪوري به چئبو آهي. ھن قبيلي جا ماڻهو گهڻي زماني کان مختلف قسمن جي ڪپڙي ٺاهڻ جا ڪاريگر هئا. مردن سان گڏ عورتون به ڪپڙي ٺاهڻ جو ڪم ڪنديون هيون. سڄو ڪٽنب/گهراڻو اهو ڪم ڪرڻ جي ڪري، مٿن گهراڻو ئي پئجي وئي. گهراڻا ڪٿي ڪٿي ڪاشيءَ جو به ڪم ڪندا هئا، جنھن ڪري، ڪاشيگر به سڏيا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو