
گرداس واڌواڻي
گرداس واڌواڻي: دادا گرداس واڌواڻيءَ جو جنم، 7 جون 1911ع تي حيدرآباد ۾ ٿيو. سندس تعلق حيدرآباد جي عامل گهراڻي سان هو. شروعاتي تعليم حيدرآباد ۽ پوءِ ڪراچيءَ مان حاصل ڪيائين. ھن پنھنجي ادبي سفر جي شروعات شاگرديءَ واري زماني کان ڪراچيءَ مان ڪئي. گرداس واڌواڻي ويھن سالن جي عمر ۾ صحافت جي ميدان ۾ پير پاتو ۽ سنڌي روزاني اخبار ’ديش متر‘ سان وابسته رهيو. انھيءَ اخبار جو ايڊيٽر ناليوارو صحافي کيمچند دتارام هو. دادا واڌواڻيءَ 1931ع کان 1939ع تائين پھريان رپورٽر ۽ پوءِ ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو. ھن سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ واري تحريڪ دوران اهم سياسي شخصيتن ۽ دانشورن کان انٽرويو ورتا، جيڪو سلسلو گهڻو مقبول ويو ۽ ان دور جي مشھور سنڌي اخبار ’الـوحـيـد‘ اهي انٽرويو ٻيھر جيئن جو تيئن شايع ڪيا. ان کان پوءِ هي انگريزي اخبار ’سنڌ آبزرور‘ ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. 1943ع ۾ ڊاڪٽر تاراچند لالواڻيءَ، شام جي پھرين اخبار ’ڪراچي ڊيلي‘ ۾ کيس رپورٽر طور رکيو ۽ پوءِ ’ڊيلي گزيٽ‘ اخبار ۾ رکيو. 1947ع ۾ ورهاڱو ٿيو ته گرداس واڌواڻيءَ جو سڄو ڪٽنب ھندستان لڏي ويو، پر ھن ڪراچيءَ ۾ پنھنجي صحافت واري ڪرت جاري رکي. ’ڊيلي گزيٽ‘ بند ٿي وڃڻ کان پوءِ هي ’ھندستان اسٽينڊرڊ‘ ۽ مدراس جي ’ھندو‘ اخبار جو رپورٽر مقرر ٿيو. 1961ع ۾ ’مارننگ نيوز‘ ۾ شامل ٿيو. 1965ع جي پاڪ- ڀارت جنگ جي ڪري ’ھندستان اسٽينڊرڊ‘ ۽ ’ھندو‘ اخبارون ڇڏڻيون پيس. زندگيءَ جا 41 سال صحافت کي ڏيڻ کان پوءِ 1972ع ۾ صحافت ڇڏي ڏنائين. ھن 1974ع ۾ روزاني ’هلال پاڪستان‘ ۾ ’جيڪي ڏٺو مون‘ جي عنوان سان ڪالم لکڻ شروع ڪيا. ھن ڊينمارڪ جي ٻارن جي مشھور ليکڪ اينڊرسن جون ڪھاڻيون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين، جيڪي ’شاهي بلبل‘ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيون. ھن جي ساروڻين ۽ ڪالمن جا چار ڪتاب: (1) ’جيڪي ڏٺو مـون‘ (1980ع)، (2) ’سـاروڻـيــون‘ (1981ع)، (3) ’ڳالهه ٻـولهه‘ (1982ع) ۽ (4) ’جڏھن آدم آيو‘ (1987ع) شايع ٿيل آھن.
آخري عمر ۾ پريس ڪلب ڪراچيءَ جي هڪ ڪوارٽر ۾ رھندو هو. 1991ع ۾ لاڏاڻو ڪيائين.
1911.06.07 عيسوي
دادا گرداس واڌواڻيءَ جو جنم، 7 جون 1911ع تي حيدرآباد ۾ ٿيو.