گرنار (ٽڪري): ھندستان جي گجرات رياست ۾، جهوناڳڙھه کان ڏهه ميل اوڀر طرف هڪ مشھور ٽڪريءَ جو نالو. جهوناڳڙهه جو شھر راءِ ڏياچ جي ڏاڏي، راءِ گڙهڙپوءَ ٻڌايو هو. جنھن کي راءِ گورارو به چوندا هئا. راءِ گوراري 892ع ۾ لاڏاڻو ڪيو. ھن کان پوءِ راءِ ڪاوٽ ۽ 1003ع ۾ راءِ ڏياچ گاديءَ تي ويٺا. راءِ ڏياچ جڏھن جھوناڳڙهه جو حاڪم بڻيو، تڏھن ھن جهوناڳڙهه ۾ ’گرنار‘ نالي اِنهيءُ ٽڪريءَ تي هڪ عاليشان محل/قلعو جوڙايو، جيڪو اڄ تائين موجود آهي. گرنار ٽڪريءَ جون پنج مکيھ چوٽيون آھن، جن مان سڀ کان مٿانھين چوٽي ’گورکناٿ‘ جي نالي سان سڏجي ٿي. جيڪي جوڳي گرنار جو تيرٿ ڪرڻ ويندا آھن، اهي گورکناٿ چوٽيءَ تي ضرور ويندا آھن، ڇاڪاڻ جو ’گورکناٿ‘ سندن وڏو گرو هو. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ گرنار کي گهڻو ڳايو آهي، ڇو ته تاريخي طور گرنار، گورکناٿ جي پسند جي جاءِ رهي آهي.
گرنار ٽڪريءَ تي ھندو ڌرم ۽ جين مت جا ڪيترائي مندر ۽ شوالا موجود آھن. سنياسي، آديسي، مھيسي، لاهوتي ۽ ٻيا جوڳي جن جو ذڪر رسالي جي ’سُر رامڪلي‘ ۾ آهي، سي هتي ڏسي سگهجن ٿا. شاهه لطيف گرنار ٽڪريءَ تي ڪافي ڏينھن گذاريا ۽ پنھنجي ڪلام جي سر سورٺ ۾ گرنار ٽڪريءَ جو خاص ذڪر ڪيو آهي.
گل ڇنو گرنار جو، پٽڻ ٿيون پٽين،
سھسين سورٺ جھڙيون، اُڀيون اوسارين،
چوٽا چارڻ هٿ ۾، سِرُ سينگاريو ڏين،
ناريون ناڏ ڪرين، راجا رات رمڳيو!