
تيغ سنگهه بهادر
گرو تيغ سنگهہ بھادر: گرو تيغ سنگهہ سکن جو نائون گرو 1621ع ۾ امرتسر ۾ ڄائو. هن آنندپور جو شھر ٻڌايو. هن پنھنجي سموري زندگي هندو ڌرم جي رکشا ڪرڻ لاءِ ارپي ڇڏي.هي انهي خيال جو هو تہ ماڻهن کي عبادت ۽ مذهب جي آزادي هئڻ گهرجي، جيڪو سندن پيدائشي حق آهي. انهن خيالن سبب ئي کيس شهادت نصيب ٿي. هن جي جسم کي ايترو تہ ايذايو ويو، جو سندس مڙھہ جو رنگ بہ تبديل ٿي ويو. جڏهن دهلي جي سکن کي خبر پئي تہ سندس لاس هتان کان چار سؤ ڪلوميٽر پري آنندپور ڪريا ڪرم لاءِ کنيو پيو وڃي تہ هن ڪريا ڪرمي طور سندس گهر کي باھہ ڏئي ڇڏي. هن کي 44 سالن جي عمر ۾ سکن جو گرو چونڊيو ويو هو. پاڻ ڏھہ سال گرو رهيو. هي آخري گرو هو. هونئن سکن جا 10 گرو مڃيا ويا آهن، مگر ڏهون گرو گرنٿ صاحب (ڪتاب) آهي. هن کي 1675ع ۾ شھيد ڪيو ويو .