گرو گرنٿ: گروگرنٿ سک ڌرم جو مقدس ڪتاب آهي، جيڪو گرو نانڪ جو لکيل آهي. گرو نانڪ جو هي ڪتاب گرمکيءَ ۾ لکيل شعرن جو مجموعو آهي، جيڪو گرو گرنٿ جي نالي سان مشھور آهي. گرنٿ پنجابي ٻوليءَ ۾ ڪتاب کي چون ٿا، جڏهن ته اردوءَ ۾ هن جي معنيٰ دوست، ساٿي ۽ مالڪ آهي. انهي ڪري سک هن مذهبي ڪتاب کي پنھنجو زندهه گرو پڻ سمجهندا آهن. گرو گرنٿ 5894 سلوڪن يا شعرن تي مشتمل آهي. جنھن ۾ ڏهه گروئن، پندرهن مسلمانن ۽ ڪجهه هندو ڀڳتن جو ڪلام موجود آهي. گروگرنٿ 18 مختلف راڳن ۾ نظم ڪيل آهي، هن ۾ گرو نانڪ جا 974 منظوم حمد/سلوڪ آهن. هي پنجابي، سرائيڪي، فارسي، پراڪرت، هندي ۽ مراٺي زبانن ۾ ترجمو ٿيل آهي، جڏهن ته اصل گرمکي رسم الخط ۾ لکيل آهي.