گرُُ چيلي جا بيت: گرچيلي جا بيت، گرو ۽ چيلي جي وچ ۾ سوال ۽ جواب جي صورت ۾ چيا ويندا آهن. هڪڙا سگهڙ ڪچھريءَ ۾ گروءَ جو سوال ته ٻيا وري چيلي جو جواب ڳوليندا آھن. ھن قسم جي بيتن ۽ پرولين ۾ ڪٿي ڪٿي سنڌيءَ سان گڏ ٻين ٻولين جا لفظ به استعمال ٿيل هوندا آھن. مثال:
ڀيڻ نه وڻي ڀاءُ،
پُٽ ماري ٿي ماءُ،
عورت ٺھن نه وار: ڪُڇ چيلا ڪيا بات؟
چيلي جو جواب: گرو جي! سڳي ناهي.
مطلب: ڀيڻ ڀاءُ کي نٿي وڻي جو اها سڳي ڀيڻ ناهي، ماءُ پٽ کي ماري ٿي جو اها به ماٽيلي ماءُ آهي يعني سڳي ماءُ ناهي، اهڙي طرح عورت جا وار به سڳي نه وجهڻ ڪري نٿا سونھن. اهڙي ڀڃڻيءَ لاءِ ڪو اهڙو لفظ ڳوليو وڃي ٿو، جيڪو گهڻ معنائون هجي.گرچيلي جا بيت سنڌ جي لوڪ ڪچھرين جي مقبول ترين صنف آهن.