گزمول لَڪ

گزمول (لَڪ): نئن تقيءَ جي مکيھ ڀرتي ڪندڙ نئن مماڻي آهي. گزمول لڪ نئن مماڻيءَ جي چوٽيءَ تي آهي. ماچڪو ۽ گزمول لڪن کي هميشھ تر جا ماڻهو ساڳئي نالي سان ياد ڪندا آھن. انهن لڪن مان به ڪن ڦاڙ جوڳي، سوامي، سنياسي ۽ ساڌو ترشول، چمٽا، گڏون کڻي، سنک وڄائيندا، گورک ڏانھن ويندا هئا. اها واٽ انهن لڪن مان دادو کان گورک تائين فقط 72 ڪلوميٽر چئي وڃي ٿي. لوڙهه، شڪلوئي، ڄمورو، ماچڪو، گزمال ۽ ڦسي، اهي پنج ئي لڪ هڪ ٻئي جي ويجهو آھن ۽ 15 ميلن اندر اچي وڃن ٿا. انھن لڪن جي لولھه ۾ نئن نالي نري ۽ انگڻي سان جيڪا واٽ بلوچستان ڏانھن وڃي ٿي، ان واٽ کي ’پٺاڻي واٽ‘ سڏيو وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو