گـُرڙُ

گـُرڙُ (هنر): هي قديم زماني جي ٻيڙيءَ جو هڪ قسم آهي. ھن قسم جي ٻيڙين جو شمار خوبصورت، سگهارين ۽ مضبوط ٻيڙين ۾ ٿيندو هو. ٻيڙيءَ جي هن قسم جو ذڪر آڳاٽو ملي ٿو. انهن مان ڪن ٻيڙين جي اڳئين ڀاڱي جي سامهون واري ڪاٺ تي ’گرڙ پکي‘ جي تصوير ٺھيل هوندي هئي، ڇاڪاڻ ته گرڙ پکيءَ کي طاقت ۽ ڀاڳ جو اهڃاڻ سمجهيو ويندو هو. جيڪي ٻيڙيون بار کڻي ڏور ڏيھن جي بندرن ڏانھن وينديون هيون، انهن سڀني ۾ وڏي ۽ سھڻي ٻيڙي گـُرڙ ٻيڙي هئي. جيڪا هزارين مڻ بار کڻندي هئي. گهڻو پوءِ واري زماني تائين به هن قسم جون ٻيڙيون سکر، جهرڪ ۽ ٺٽي جي درياهي بندرن تي موجود هونديون هُيون. هيءَ ٻيڙي ھن وقت سنڌ ۾ ناياب ٿي چڪي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو