گـُونگڙو درياهه جو ڦاٽ

گـُونگڙو (درياهه جو ڦاٽ): سنڌو درياهه جي آڳاٽي وهڪري ريڻ جو هڪ قديم ڦاٽ/وهڪرو سنڌ جي لاڙ واري خطي ۾ آهي، جيڪو آڳاٽي بندرگاهه، اورنگابندر واري علائقي وٽ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. هي وهڪرو سومرن جي دؤر ۾ اهڙو وهڪرو رهيو. آبپاشي وارن مقصدن لاءِ واھن جو ڄار پکڙيل هوندو هو، جيڪي سڀ سنڌو ندي (مھراڻ درياهه) ۽ ان جي شاخن (ريڻ، پراڻ ۽ بگهاڙ) مان نڪري لاڙ ۾ پکڙجي ويندا هئا. انھن مان ڪي واهه هميشھ وھندا هئا ته ڪي وري سياري ۾ سُڪي ويندا هئا. 1758ع ۾ سنڌو درياهه، جڏھن پنھنجو نصرپور وارو وهڪرو ڦيرايو، تڏھن ريڻ شاخ به سُڪي وئي ۽ گونگڙو به پڃاري واري ڇوڙ کان ڪجهه مٿڀرو ويران ٿي ويو. ريڻ شاخ، ٽنڊي محمد خان ۽ ماتليءَ جي ريلوي اسٽيشن کان مٿي چار ميل پنڌ تي، سنڌو درياهه جي وهڪري مان، وهي هلندي هئي. 1758ع ۾ درياهه جي وهڪري تبديل ٿيڻ جو اثر ريڻ مان نڪرندڙ اُن جي ڇاڙن (ننڍن وهڪرن / ڦاٽن) : جهول، پٽيھل ۽ گُونگڙي تي به پيو. گونگڙو، ريڻ جي کاٻي ڪپ کان ڏکڻ طرف وھندو هو، جيڪو کورواهه جي اتر کان لنگهي، محمد طور (ماهم تور) جي اترئين ڪناري وٽان ورکائيندي، مغل ڀينءَ شھر جي اولھه واري ڀر کان گذري، ’سير کاريءَ‘ ۾ ڇوڙ ڪندو هو، جِتي ھن کي ’ڪارو گونگڙو‘ به چيو ويندو هو. گونگڙي ۽ ’سير کاريءَ‘ جي ڪل ڊيگهه 120 ميل هئي.
محمد طور (ماهم تور) کان هيٺ اولھه طرف ٽن ميلن تي، بٺوري ۽ جاتي واري رستي جي ڀر ۾، ’ڇتن جي ڳنڍيءَ‘ جي ويجهو پڃاري واهه گونگڙي ۾ اچي ڇوڙ ڪندو هو. ميرن جي دور (1799ع) ۾ مغل ڀينءَ وٽ، ڪاري گونگڙي تي، وڏو بند ٻڌل هوندو هو، ته جيئن پاڻيءَ جي سطح مٿي ٿئي ۽ سمنڊ ۾ داخل ٿيڻ کان محفوظ رهي. ميرن کان پوءِ انگريزن جي حڪومت جي وچ واري زماني تائين گونگڙو ۽ پٽيھل سنڌو درياهه جون ٻھ وڏيون شاخون رهيون آھن. درياهه جي رُخ بدلجي وڃڻ ڪري، درياهه جي انھن شاخن ۾ پاڻيءَ جي رسد ختم ٿيڻ لڳي. اِنھيءَ ڪري انھن ٻنھي شاخن تي آباد شھر ۽ زمينون تباهه ٿي ويون.
ريڻ شاخ جي سُڪي وڃڻ ۽ گونگڙو گهٽ هجڻ کان پوءِ به موجود آهي. ھن وقت گونگڙي کي سيلابي واهي يا سِم نالي طور رکيو ويو آهي. ھن جو پيٽ ھن وقت به چاليھه فوٽن کان وڌيڪ آهي. اڳي هتي سال جا ٻارھن ئي مھينا مٺو پاڻي بيٺل هوندو هو. مڇيءَ جا ٺيڪا ٿيندا هئا. ميلن ۾ پن ٿيندي هئي، جنھن مان هزارين پکا ٺھندا هئا. سياري ۾ پکي تمام گهڻو لھندو هو. شڪار به ٿيندو هو؛ پر هاڻي ٺٽي ۽ بدين جي کنڊ وارن ڪارخانن جي بدبودار ۽ زهريلي پاڻي، گونگڙي جي سموري سونھن ختم ڪري ڇڏي آهي. گونگڙي، جو هيءُ قديم وهڪرو سومرن جي تخت گاهه محمد طور (ماهم تور) جي گڙنگ شھر کي آباد رکندو هو. ھن وقت به گونگڙي ۾ کاري جي مڇي ۽ جهينگو ساليانو ٽنن جي حساب سان مري ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو