گلابي گلڙا

گلابي گلڙا (رسالو): 15 نومبر 1970ع تي الھاس نگر (انڊيا) مان ٻارن لاءِ جاري ڪيل هن رسالي جي پھرئين شماري ۾ جواهر لعل نھروءَ جي زندگيءَ ۽ ڪم بابت مواد ڏنو ويو. رسالي ۾ ٻارن جي وندر، صحت، سکيا ۽ تعليمي ڄاڻ کي وڌائڻ لاءِ هر مھيني ڪھاڻيون، ناٽڪ، شعر ۽ چرچا ڏنا ويندا هئا. رسالي جو ساليانو چندو ساڍا ٽي روپيا هو. رسالو ڪرائون سائيز ۾ نڪرندو هو. شروعات ۾ هڪ ايڊيٽوريل سٿ جوڙيو ويو، جنھن جا ڪشور پھوجا، جڳتراءِ مولچنداڻي ۽ گورڌن کاراڻي ميمبر هئا. ٻئي شماري کان پوءِ ان ۾ ڦير ڦار ڪئي وئي. مکيه ايڊيٽر طور صرف ڪشور پھوجا جو نالو ڏنو ويو. هي رسالو ڇھن سالن تائين باقاعدي نڪرندو رهيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو