گلاب

گلاب

گلاب

گلاب (ٻوٽو): خوبصورت ۽ خوشبودار ٻوٽو، جنھن کي انگريزيءَ ۾ Rose ۽ نباتياتي زبان ۾ Rosa damascene mill چيو وڃي ٿو. هن گل/ٻوٽي جو تعلق Rosaceae ڪٽنب سان آهي. هي ٻوٽو، سڄي دنيا ۾ گهڻي پئماني تي پوکيو وڃي ٿو. ساين ٽارين تي موجود سنها ڪنڊا معمولي مڙيل ٿين ٿا. گلن جون پتيون ڳنڍيل ٿين ٿيون. هن گل جا سڄي دنيا ۾ 600 کان وڌيڪ قسم آهن. هي گل ڳاڙهي رنگ کان علاوه گلابي، پيلي، نيري، نارنگي، اڇي، ڪاري ۽ ٻين رنگن ۾ پڻ ٿئي ٿو. ٻين رنگن جي ڀيٽ ۾ ڳاڙهو گلاب وڌيڪ دلڪش ۽ خوشبودار ٿئي ٿو. هي گل برطانيه ۽ آمريڪا ۾ قومي گل جي حيثيت رکي ٿو. هن جو گل حڪمت جي ڪم به اچي ٿو. گلاب جي گلن مان عرق گلاب ۽ گلقند به تيار ڪيو وڃي ٿو. هن جا گُل، دل جي لاءِ مقوي ۽ قبض ختم ڪندڙ آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو