
گلاب هَڪڙو
گلاب هَڪڙو: گلاب هڪڙي جو اصل نالو حيدر بخش ولد محمد بخش هڪڙو آهي. سندس جنم پھرين جون 1949ع تي ڪڙي نواب خان، شڪارپور ۾ ٿيو. 1973ع ۾ انٽر (آرٽس) ڪري شڪارپور جي قاضي حبيب الله هاءِ اسڪول ۾ ڊرائنگ جو استاد مقرر ٿيو. 1981ع ۾ ايم. اي (اسلامڪ ڪلچر) ڪيائين. شڪارپور کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ اين. جي. وي هاءِ اسڪول ۾ استاد رهيو. 2009ع ۾ رٽائر ٿيو. سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ جي ڪاروباري ڪميٽي جو رڪن، آڊيٽر ۽ سيڪريٽري رهيو. سگا ڪراچي جو جنرل سيڪريٽري ۽ مرڪزي آفيس سيڪريٽري پڻ رهيو. هن 1998ع ۾ ’ساهڙ سنگت‘ ۽ 2000ع ۾ ’سنڌ سڄڻن سوسائٽي‘ جو بنياد وڌو. مھراڻ پبليڪيشن ڪراچي/ شڪارپور قائم ڪيائين، جنھن پاران ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. هن ڪيترائي ڊراما لکيا، جن مان ’کير وارو‘، ’ڦڏي باز مزدور‘ ۽ ’سائيڪل چالان‘ سميت ڪجهه ٻيا اسٽيج تي پيش ڪيا ويا. ان کانسواءِ پي. ٽي. وي ۽ ريڊيي جي مختلف ڊرامن ۾ اداڪاري به ڪيائين. سندس لکيل ڪتابن ۾: ’دڙو دادا جون ڳالهيون‘، ’گل ۽ ڪنڊا‘، ’سو سائين منھنجي کي چوان‘، ’گل جو سفر‘، ’زندگيءَ جو سفر‘، ’شاهه ۽ ساڃاهه‘، ’انوار حبيب‘ ۽ ’صاحب ڏي شفا‘ شايع ٿيل آھن. کيس سماجي خدمتن تي ’سگا‘ طرفان 1992ع ۾ ’گولڊ ميڊل‘ ۽ 2009ع ۾ ’لائيف ٽائيم اچيومنٽ‘ ايوارڊ ڏنو ويو. ان کان سواءِ سگا، سنڌي ادبي سنگت، اڪيڊمي ادبيات، محمد علي جناح يونيورسٽي ڪراچي، سر سيد يونيورسٽي ڪراچي، خانه فرهنگ ايران ۽ ٻين ادارن پاران ڪيتريون ئي شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ به مليا آهن.
1949.06.01 عيسوي
گلاب هڪڙي جو اصل نالو حيدر بخش ولد محمد بخش هڪڙو آهي. سندس جنم پھرين جون 1949ع تي ڪڙي نواب خان، شڪارپور ۾ ٿيو.