گلاب چانڊيو

گلاب چانڊيو

گلاب چانڊيو اداڪار

گلاب چانڊيو (اداڪار): پاڪستان ٽيليويزن جي مشھور اداڪار گلاب چانڊئي جو اصل نالو غلام محمد هو. هُو 6 جنوري 1958ع تي ڳوٺ شھمير چانڊئي، ضلعي نوابشاهه (هاڻوڪي شھيد بينظير آباد) ۾ ڄائو. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ 1976ع ۾ هُو ڪراچي ويو، جتي فوڊ ڊپارٽمنٽ ۾ ڪلارڪ طور ڪم ڪيائين، پر 1978ع ۾ نوڪري ڇڏي واپس موٽي نوابشاهه آيو ۽ ڪجهه عرصو سياست ۾ سرگرميءَ سان حصو ورتائين. ان دوران ذوالفقار علي ڀُٽي کي ڦاسيءَ جي سزا ملڻ تي احتجاج ۾ حصو ورتائين، جنھن ڪري کيس جيل به ڀوڳڻو پيو. هن پنھنجي فني سفر جي شروعات 1980ع جي ڏهاڪي ۾ سنڌي ڊرامي ’ٻيو شخص‘ کان ڪئي. ان کانپوءِ ھن ’تلاش‘، ’سام‘، ’جياپو‘، ’مٽيءَ جا ماڻهو‘ ۽ ’غلام گردش‘ ۾ ڪم ڪيو. ان بعد ھن اردو ڊرامن ’زينت‘، ’روش‘، ’نوري ڄام تماچي‘، ’ٽيپو سلطان‘ ۽ ’ساگر ڪا آنسو‘ ۾ پنھنجا فني جوهر ڏيکاريا. ان کان علاوه ھن ٿيٽر ۽ فلمن ۾ به ڪم ڪيو، سندس پھرين فلم ’دشمن‘ هئي. ان کانپوءِ ھن ’محب شيدي‘، ’سرگم‘ ۽ ٻين فلمن ۾ پڻ ڪم ڪري پاڪستان فلم انڊسٽريءَ ۾ وڏو نالو ڪمايو. ھن پنھنجي فني ڪيريئر ۾ ننڍا وڏا سڀ ڪردار ڪيا، پر کيس فني مقبوليت ’مارئي، چاند گرھن‘ ۽ ’بي وفائيان‘ ۾ منفي ڪردار ادا ڪرڻ سان ملي. ھن 300 کان مٿي سنڌي/اردو ڊرامن ۽ ڇھن فلمن ۾ ڪم ڪيو. کيس فني خدمتن جي اعتراف طور 2016ع ۾ صدارتي ايوارڊ ڏنو ويو. هن ٻھ ڀيرا چونڊن ۾ به حصو ورتو. پر ٻئي ڀيرا ڪامياب ٿي نه سگهيو. 2016ع ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت ڪئي ۽ بيماريءَ جي حالت ۾ به پي. ٽي. آءِ جي مارچ ۾ شريڪ ٿيو. هن 18 جنوري 2019ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1958.01.06  عيسوي

پاڪستان ٽيليويزن جي مشھور اداڪار گلاب چانڊئي جو اصل نالو غلام محمد هو. هُو 6 جنوري 1958ع تي ڳوٺ شھمير چانڊئي، ضلعي نوابشاهه (هاڻوڪي شھيد بينظير آباد) ۾ ڄائو.


2019.01.18  عيسوي

ر گلاب چانڊئي 18 جنوري 2019ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جمال خان
بادو درويش
چانڊيو منير احمد
ڀائي گُرداس
جسٽس غلام رباني
ڀاسڪر آچاريه
امير بخش ڪلهوڙو
ابن سعد
رند نواز علي خان
پيرل پرديسي سيتائي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون