
گلان ڪوٽ/ڪلھوڙا ڪوٽ
گلان ڪوٽ/ڪلھوڙا ڪوٽ: هيءُ ڪوٽ مٽياري ضلعي جي تعلقي هالا شھر کان ٽي ڪلو ميٽر اتر پاسي آهي. هيءُ ڪوٽ شاهه لطيف جي فقيرياڻي مائي گلان سان ميان نور محمد ڪلھوڙي شادي ڪرڻ کان پوءِ ٺھرايو هو. جنھن ڪري اهو گلان ڪوٽ جي نالي سان مشھور هو، پر ڪن مورخن ھن ڪوٽ جو نالو ڪلهوڙا ڪوٽ به ڄاڻايو آهي. ڪوٽ جا آثار سنڌو درياهه جي کاٻي ڪپ تي ٻاهرين بچاءَ بند وٽ، ديھه ڪيريا ۾ ڦھليل آھن. هي آثار 10.88 ايڪڙن تي آهن. ڪچي مٽيءَ سان چورس اڏيل اڏاوت ۾ ڪٿي ڪچيون سرون به لڳل آھن، ته ڪن ڀاڱن ۾ پڪين سرن جو استعمال به ٿيل آهي. پڪيون سرون گهڻو ڪري برجن ۾ ڪتب آنديون ويون آھن. ڪوٽ اندر ڪن ھنڌن تي عمارتن جا اهڃاڻ پڻ ملن ٿا. ڪوٽ کي ڪل ويھه برج هئا/آھن. جن جو قطر 18 فوٽ آهي. برج کي چوڦير 56 فوٽن جي 2.6 فوٽ ٿلھي ديوار جو گهيرو آهي.