
گلبدن جاويد مرزا
گلبدن جاويد مرزا: گلبدن جاويد مرزا جو اصل نالو گلبدن آصف مصراڻي آهي. هن 8 جون 1964ع تي، ڳوٺ مٺي ٻٻر، تعلقي خيرپورناٿن شاهه، ضلعي دادوءَ ۾ احمد خان ’آصف‘ مصراڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. ھن ايم. ايس. سي زولاجيءَ جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي، ڄامشوري مان حاصل ڪئي، سنڌي ادبي بورڊ ۾ ملازم رهي، جتي 1989ع کان عورتن جي اهم ادبي رسالي ’سرتيون‘ جي ايڊيٽر رهي ۽ آخري وقت ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري پڻ رهي. 2024ع ۾ رٽائر ڪيائين. گلبدن شروع ۾ ٻارن لاءِ لکيو، ان کان پوءِ ھن شاعري، ڪھاڻيون ۽ مضمون پڻ لکيا آھن. سندس شاعريءَ جا ٽي ڪتاب ’چاهتن جا قافلا ‘، ’عشق اهڙي اُڏار ڏي‘، ’صحرا ۾ گلاب‘ ڇپجي چڪا آهن.
1964.06.08 عيسوي
گلبدن جاويد مرزا جو اصل نالو گلبدن آصف مصراڻي آهي. هن 8 جون 1964ع تي، ڳوٺ مٺي ٻٻر، تعلقي خيرپورناٿن شاهه، ضلعي دادوءَ ۾ احمد خان ’آصف‘ مصراڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.