گلدستا

گلدستا (رسالو): ٻارن لاءِ سنڌيءَ ۾ ’گلدستا‘ رسالو، لوڪ ساهتيه پرڪاشن پاران 1955ع ۾ گانڌيڌام (ڪڇ) مان ڪڍيو ويو. هن رسالي ۾ سنڌي (ديوناگري لپي) هندي ۽ ڪڇيءَ ۾ به مواد ڏنو ويندو هو. رسالي جا ايڊيٽر ڪرشنا ڀمڀاڻي ۽ ستيش ڪمار روهڙا هئا، ڊيمي سائيز جي 24 صفحن تي مشتمل هن رسالي ۾ وڏن ۽ ٻارن لاءِ گڏيل مواد ڏنو ويندو هو. پرچي جي قيمت 2 آنا ۽ ساليانو چندو ڏيڍ رپيو هوندو هو. هي رسالو ٻن سالن کانپوءِ، 1957ع ۾ بند ٿي ويو


هن صفحي کي شيئر ڪريو