گلدستو

گلدستو (ٽماهي رسالو): ٻارن جو هي ٽماهي رسالو جولاءِ 1986ع کان ’سنڌو پرگتي ڪيندر‘ الھاس نگر پاران شايع ٿيو. رسالي جو ايڊيٽر هري تنواڻي ’نماڻو‘ هو. پھرئين پرچي ۾ ڪيترن مشھور اديبن جون چونڊ لکڻيون ڏنيون ويون. ان کان پوءِ به اها روايت جاري رهي. مواد سان وابسته تصويرون مشھور چترڪار ميگهراج تلريجا ۽ لڇمڻ ڪڪڙيجا تيار ڪندا هئا. هي رسالو ٽن پرچن کان پوءِ بند ٿي ويو. 2005ع کان وري ان کي سالياني رسالي جي صورت ۾ جاري ڪيو ويو، جنھن جا ڪجهه پرچا نڪتا. گلشن (رسالو): ٻارن جو ماهوار سنڌي رسالو ’گلشناحمد آباد (ڪڇ) مان جولاءِ 1968ع کان شايع ٿيو، جنھن جو ايڊيٽر گنگو آهوجا هو. ڪرائون سائيز جي ويھارو صفحن تي مشتمل هن رسالي ۾ ٻارن لاءِ آکاڻيون، گيت، وغيره ڏنا ويندا هئا. هي رسالو ٻه سال کن هلي بند ٿي ويو.


لفظ گلدستوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو