گلستان پبليڪيشن احمد آباد

گلستان پبليڪيشن (احمد آباد): ٻارن لاءِ ڪتابن جي ڇپائيءَ جو ادارو ’گلستان پبليڪيشن‘ نامياري اديب ۽ ليکڪ هوندراج ٻلواڻي 1967ع ڌاري احمد آباد ۾ قائم ڪيو. هن اداري پاران ڪيترائي ڪتاب ڇپايا ويا. انهن ۾ آکاڻين جي ڪتابن جو تعداد سڀ کان وڌيڪ آهي. سنڌيءَ ۾ تصويري ڪھاڻين جا ڪتاب به پھريون ڀيرو ھن پبليڪيشن طرفان شايع ٿيا. سنڌيءَ ۾ اصلوڪن ٻاراڻن ناولن جي کوٽ هجڻ ڪري ڀارتي ٻولين جي ڪن سٺن ناولن جا ترجما پڻ ڪرايا ويا. دنيا جي ٻاراڻي ادب جي ڪيترين ئي مقبول لکڻين کي به سنڌي ٻارن جي لاءِ ميسر ڪيو ويو. شاگردن کي همٿائڻ لاءِ سندن لکڻين کي به ڪتابي صورت ۾ ڇپايو ويندو هو. ھن اداري سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو