گلشن

گلشن (رسالو): ٻارن جو ماهوار سنڌي رسالو ’گلشناحمد آباد (ڪڇ) مان جولاءِ 1968ع کان شايع ٿيو، جنھن جو ايڊيٽر گنگو آهوجا هو. ڪرائون سائيز جي ويھارو صفحن تي مشتمل هن رسالي ۾ ٻارن لاءِ آکاڻيون، گيت، وغيره ڏنا ويندا هئا. هي رسالو ٻه سال کن هلي بند ٿي ويو.


لفظ گلشنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو