گلشن ادب

گلشن ادب (ادارو): ٻارن جي اداري ”گلشن ادب“ جو بنياد، نامور اديب ۽ ٻارن جي ليکڪ اياز پاٽوليءَ 1957ع ڌاري ٽنڊي محمد خان ۾ وڌو. هن اداري پاران لڳاتار ٻارن کي ضرورت آهر ٻاراڻو ادب ڏيڻ سان گڏ ٻارن لاءِ ڪيترا ئي ڪتاب ڇپايا ويا، جن جو تعداد لڳ ڀڳ 300 آهي، جن مان 40 کان وڌيڪ ڪتاب خود اياز پاٽوليءَ جا لکيل آهن. سندس ڇپايل مشھور ڪتابن ۾: ’هٻڪار‘، ’ٽڙيل گُل‘، ’مغرور بادشاهه‘، ’روشن تارا‘، ’ڪنول شھزادي‘، ’غيبي خزانو‘، ’گامون سچار‘، ’حيرت انگيز هيرو‘، ’کڙيا کٽڻھار‘، ’عجيب اسرار‘، ’چمڪندڙ ستارا‘، ’پاڻ وهيڻي‘، ’پري‘، ’هيرا لعل هزار‘، ’ڇٽيھه لکڻو‘، ’بخت جي واپسي‘، ’وشوءَ جو رانديڪو‘، ’ڏاهپ جون آکاڻيون‘، ’جادوءَ جو ڇلو‘، ’برف جو محل‘، ’سوا لک جو هيرو‘، ’ڪارو گلاب‘، ’ٽارزن‘، ’محبت جو ڦل‘، ’خير راڻي‘ ۽ ٻيا شامل آهن. 17 جولاءِ 1960ع تي اياز پاٽوليءَ ٻالڪن جي ٻاريءَ جي طرز تي ”بزم گلشن سنڌ“ جو پايو وڌو، جنھن کانپوءِ سنڌ ۾ بزم گلشن سنڌ جون 45 شاخون کليون ۽ اٽڪل 20 هزار ماڻھو ان تنظيم جا ميمبر بڻيا.


لفظ گلشن ادبھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو