
راهو گلشير
گلشير راهو : ملھہ پهلوان گلشير راهو، ڳوٺ حاجي الھداد راهو، تعلقي هالا، ضلعي مٽياري سان تعلق رکندڙ هو. کيس ملھہ وڙهڻ جو شوق سندس سؤٽ ارباب راهوءَ کي ملھہ وڙهندو ڏسي پيدا ٿيو. هن ملھہ جي سکيا بہ پنھنجي سؤٽ کان ورتي. تربيت حاصل ڪرڻ بعد هن کي سندس استاد شاگرديءَ وارو ڌاڳو ٻڌي ملاکڙن ۾ ملھہ وڙهڻ جي اجازت ڏني. هن ٽئين جوڙ کان ملھہ وڙهڻ جي شروعات ڪئي، ڪجهه وقت تائين پنھنجي ڳوٺ جي ويجهڙائيءَ وارن ملاکڙن ۾ ملھہ وڙهندو رهيو، پوءِ وري ٻئي جوڙ ۾ پهتو. ٻئي جوڙ ۾ پهچڻ کانپوءِ پهلوان در محمد عالماڻيءَ کان تربيت ورتائين ۽ ان کان ٻئي جوڙ ۾ استاديءَ جو ڌاڳو ٻڌايائين. 1970ع تائين ٻئي جوڙ جي ملھہ وڙهندو رهيو، ان کانپوءِ پهرين جوڙ ۾ شامل ٿيو. هو خانداني پهلوان هو، ملھہ وڙهڻ ۾ ڪافي ناماچاري ماڻيائين.