گلڙا

گلڙا (رسالو): ٻارن جو هڪ سنڌي رسالو، جيڪو مئي 1962ع کان نندڪمار ڀارتي عرف ڪرشنچندر ڀارتي اُلھاس نگر مان شروع ڪيو. سنڌي عربي لپيءَ جي 30 صفحن تي مشتمل هن پرچي ۾ ٻارن لاءِ آکاڻين، گيتن، ٽوٽڪن، انعامي پرولين ۽ عام ڄاڻ بابت ڪيترو ئي مواد شامل هو. ڪجهه سالن کان پوءِ هي رسالو بند ٿي ويو. ٽئگور ساهتيه منڊل پاران نڪرندڙ هن رسالي جو ساليانو چندو فقط ڏيڍ روپيو هو ۽ هڪ شماري جي قيمت 15 پئسا هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو