گلڻ ڄام ڏاهري

گلڻ ڄام ڏاهري : رئيس گلڻ ڄام ڏاهري، نوابشاھہ ضلعي جو هڪ اهم زميندار ٿي گذريو آهي. هي رئيس سردار جان محمد ڏاهريءَ جو فرزند هو ۽ سال 1901ع ۾ ڳوٺ سردار رضا محمد ڏاهري، تعلقي دولتپور ۾ پيدا ٿيو. هن دولتپور مان سنڌي فائنل پاس ڪئي. ضلعي ڪائونسل نوابشاھہ جو ميمبر رهيو ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي چونڊ بہ وڙهيو ۽ اها صوبائي سيٽ ٻن تعلقن: موري ۽ سڪرنڊ تي مشتمل هئي. رئيس گلڻ ڄام يونين ڪائونسل دولتپور جو چيئرمئن رهيو. ماڻهن جا بي ريا فيصلا ڪندو هو. علائقي جي ماڻهن ۾ سندس وڏو اثر رسوخ هو ۽ سندن مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ خاص دلچسپي رکندو هو. کيس پنھنجي زمينداري بہ هئي، جنهن جي سار سنڀال خود ڪندو هو. وڏو اوطاقي، مهمان نواز ۽ راڄ ڀاڳ سان پيار ڪندڙ شخص هو. رئيس گلڻ ڄام ڏاهريءَ، 8 جولاءِ 1971ع تي جمعي جي رات وفات ڪئي، کيس سندس ڳوٺ ڀرسان شاھہ حسين قبرستان ۾، شاھہ حسين جي روضي جي دروازي وٽ دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1971.07.08  عيسوي

رئيس گلڻ ڄام ڏاهريءَ، 8 جولاءِ 1971ع تي جمعي جي رات وفات ڪئي، کيس سندس ڳوٺ ڀرسان شاهه حسين قبرستان ۾، شاهه حسين جي روضي جي دروازي وٽ دفن ڪيو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابن خلدون
پليجو عبدالحئي
محمد ملوڪ انڙ
عبدالرحمان پيرزادو ميان
بھاول خان عباسي
طالب سميجو
غلام مصطفيٰ کهڙو ڊاڪٽر
انجنيئرعبدالوهاب سھتو
سنڌي ٻوليءَ جا ڪي اهم گرامر نويس ۽ محقق
ارجن
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون