گل بيگ ٽنگڙي : گل بيگ فقير ’ٽنگڙي‘ ٽالپرن جي ٽنگڙي پاڙي مان هو. ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي خاص ساٿين ۾ شامل هو. بلوچستان جا بروهي، لڪ کان کوسن ۽ ٻين قبيلن جي ڳوٺن ۽ وسندين تي حملا ڪري ڦرمار ڪندا هئا. گاجي شاھہ ميان نصير محمد جي حڪم تي بروهين کي سيکت ڏيڻ لاءِ مٿي چڙهي ويو. گاجي شاھہ سان گڏ گل بيگ ’ٽنگڙي‘ بہ انهيءَ معرڪي ۾ بھرو ورتو، ۽ وڙهندي شھيد ٿيو. سندس مزار گاجي شاھہ جي ڏکڻ ۾ چوديواريءَ اندر عام ۽ خاص لاءِ زيارت گاھہ بڻيل آهي.