گل راند

گِلَ راند (راند): هي راند ڪوڏين ۽ بلورن سان ننڍا ٻار ڪندا آھن. پٽ تي ننڍڙي کڏ کوٽي، پري کان بيھي ڪوڏي يا بلور اُن کڏ ۾ وجهڻ لاءِ اُڇلائيندا آھن. ڪي بلور کڏ ۾ ڪرندا، ڪي ٻاهر ڪرندا، پوءِ جنھن جو بلور پھريائين کڏ ۾ ڪريو، اُهو ٻاهر ڪڍي، ٻاهر پيل بلورن کي چُٽيندو، جيترا چٽي سگهيو اوترا کٽيا. جڏھن ھن جو ڌڪ گسندو ته پوءِ وري اندر ڪِريل ٻئي بلور وارو ڇوڪرو ٻاهر پيل بلورن کي چٽيندو، اهڙيءَ طرح راند هلندي رھندي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو