
گل محمد آزاد صوفي
گل محمد آزاد صوفي: گل محمد آزاد صوفيءَ جو اصل نالو سليمان ميمڻ هو. سندس جنم بڪيرا شريف، ضلعي ٽنڊي الھيار ۾ ٿيو. فائنل تائين تعليم حاصل ڪرڻ بعد پرائمري اسڪول ٽنڊي الھيار ۾ پھرين استاد ۽ پوءِ هيڊ ماستر مقرر ٿيو. هن نثر ۽ شاعريءَ جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪئي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’پيران پير دستگير‘ (1957ع)، ’الھه دين ۽ ان جو جادوئي چراغ‘ (ٻاراڻو ادب، 1960ع)، ’ام المومنين بيبي خديجه الڪبريٰ رضي الله عنھا‘ (1962ع)، ’بيبي عائشھ صديقه رضي الله عنھا‘ (1962ع)، ’امام ابو حنيفه رضھ‘ (1966ع)، ’دربار نبوي صلي الله عليھ وآلھ وسلم جا فرمان ۽ فيصلا‘ (سيرت پاڪ، 1964ع)، ’ائٽلس جاگرافي ڏيپلو ۽ مٺي‘ (1954ع)، ’جاگرافي تعلقو ميرپور خاص ۽ سامارو‘ (1956ع)، ’جاگرافي تعلقو ڊگهڙي ۽ جيمس آباد‘ (1955ع)، ’نئين ائٽلس جاگرافي تعلقو سانگهڙ ۽ کپرو‘ (1966ع) ۽ ’شھيد ڪربلا‘ (شھادت امام حسين عليھ السلام) شامل آهن. ان کانسواءِ بڪيرا شريف مان ’صوفي گزيٽ‘ نالي هڪ اخبار پڻ جاري ڪيائين. آزاد صوفي 1971ع ۾ وفات ڪئي. .