
گل محمد آزاد صوفي
گل محمد آزاد صوفي: شاعر، اديب، حڪيم ۽ استاد گل محمد آزاد صوفي جو اصل نالو سليمان ميمڻ هو. سندس جنم بڪيرا شريف، ضلعي ٽنڊي الھيار ۾ ٿيو. فائنل تائين تعليم حاصل ڪرڻ بعد پرائمري اسڪول ٽنڊي الھيار ۾ پھرين استاد ۽ پوءِ هيڊ ماستر مقرر ٿيو. هن نثر ۽ شاعريءَ جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪئي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’پيران پير دستگير‘ (1957ع)، ’الھه دين ۽ ان جو جادوئي چراغ‘ (ٻاراڻو ادب، 1960ع)، ’ام المومنين بيبي خديجہ الڪبريٰ رضي ﷲ عنھا‘ (1962ع)، ’بيبي عائشھ صديقه رضي ﷲ عنھا‘ (1962ع)، ’امام ابو حنيفہ رضھ‘ (1966ع)، ’دربار نبوي صلي ﷲ عليھ وآلھ وسلم جا فرمان ۽ فيصلا‘ (سيرت پاڪ، 1964ع)، ’ائٽلس جاگرافي ڏيپلو ۽ مٺي‘ (1954ع)، ’جاگرافي تعلقو ميرپور خاص ۽ سامارو‘ (1956ع)، ’جاگرافي تعلقو ڊگهڙي ۽ جيمس آباد‘ (1955ع)، ’نئين ائٽلس جاگرافي تعلقو سانگهڙ ۽ کپرو‘ (1966ع) ۽ ’شھيد ڪربلا‘ (شھادت امام حسين عليھ السلام) شامل آهن. ان کانسواءِ بڪيرا شريف مان ”صوفي گزيٽ“ نالي هڪ اخبار پڻ جاري ڪئي. آزاد صوفي کي سنڌيءَ کانسواءِ انگريزي، اردو، فارسي ۽ عربي ٻولين تي پڻ عبور حاصل هو. هن بڪيرا شريف ۾ پنھنجي ذاتي لائبرري قائم ڪئي، جنھن ۾ مختلف موضوعن تي هزارين ڪتاب موجود هئا، رٽائرمينٽ کان پوءِ 1950ع ڌاري بڪيرا شريف ۾ خانگي شفا خانو قائم ڪيو، جتي في سبيل ﷲ علاج ڪندو هو. آزاد صوفي 1971ع ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاھہ بڪيرا شريف ۾ آهي.