گل محمد رند : حاجي گل محمد رند پنھنجي وقت جو سٺو شاعر ٿي گذريو آهي ۽ شاعريءَ ۾ پنھنجي ذات ’رند‘ تخلص طور ڪتب آڻيندو هو. سندس وڏا اصل ۾ ڀاڳناڙيءَ بلوچستان جا ويٺل هئا. اٽڪل ويهن سالن جي عمر ۾ سنڌ آيو ۽ اچي ٿرپارڪر ضلعي جي ڳوٺ سيد علي حسن شاھہ ۾ رهيو. هن قرآن مجيد سميت فارسيءَ جا ڪجهہ ڪتاب ننڍي هوندي پڙهيا ۽ اڳتي فارسي سڪندرنامو پڙهيائين. مڪتب ڇڏي تعلقي کپري، ضلعي سانگهڙ ۾ رهيو. جتان وري عبدالقادر پليءَ وٽ عمرڪوٽ لڏي وڃي ترسيو. هن اتي رهڻ دوران حڪمت بہ ڪئي. سندس طبيعت سادي ۽ بي پرواھہ هوندي هئي. هن جي شاعري هجر ۾ آهي. سندس ڪلام ۾ سنڌي لفظن جو اهم ذخيرو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ننڍپڻ بلوچستان ۾ گذرڻ باوجود بہ سندس لهجو ۽ اسلوب نج سنڌي آهي. هيءُ پنھنجي همعصر شاعرن سان ڪلام ڀيٽندو هو. محمد ابراهيم ملاح، سيد مصري شاھہ نصرپور وارو ۽ تنهن وقت جا سگهڙ کيس ڪلام لکي موڪليندا هئا ۽ هيءُ وري انهن جي جواب ۾ شاعري لکي انهن ڏانهن موڪليندو هو. هن پنهنجو مڪمل ديوان لکيو، سڪندرنامي جو سنڌيءَ ۾ ترجمو بہ ڪيو. وٽس پنهنجو ڪتبخانو بہ هو. حاجي گل محمد 1310ھہ/ 1892ع ڌاري وفات ڪئي. سندس مزار تعلقي عمرڪوٽ ۾ ڳوٺ صاڀي جي مقام ۾ آهي. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو: گهنڊ کوليو گهورون ڏيو، ماڻا ڪريو ماريو ڇڏين، ڪن کي ڪنڌيءَ تان منجهہ ڪنن، ڪيرايو ڪنڌ ڀر هڻن.