
گل محمد عمراڻي
گل محمد عمراڻي: گل محمد عمراڻيءَ جو جنم 16 جون 1949ع تي حيدرآباد جي ٽئين نمبر تلاءَ واري علائقي ۾ عبدالله عمراڻيءَ جي گهر ۾ ٿيو. هن ايم. اي (انگلش) 1973ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ڄام شوري مان ڪئي. گل محمد عمراڻي 1974ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر، پوءِ ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڪمشنر ٿي رهيو. ان کان سواءِ سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر، لياري ڊيولپمينٽ اٿارٽيءَ جو ڊائريڪٽر جنرل، ثقافت کاتي جو ڊائريڪٽر جنرل، ثقافت، راندين، نوجوانن جي معاملن، سماجي ڀلائي ۽ وومين ڊيولپمينٽ ڊپارٽمينٽ جو سيڪريٽري پڻ ٿي رهيو. رٽائرمينٽ کان پوءِ ڊاڪٽر اين. اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ، حيدرآباد جو باني ڊائريڪٽر ٿي رهيو.
Life and thoughts of Shah Abdul Latif Bhittai (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ’شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي فڪر ۽ زندگيءَ‘ بابت لکيل ڪتاب انگريزيءَ ۾ ترجمو) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جا انگريزي مضمونن تي مشتمل ڪتاب
(1) Sindh: Studies Cultural
(2) Sindh: Studies Historical
1949.06.16 عيسوي
گل محمد عمراڻيءَ جو جنم 16 جون 1949ع تي حيدرآباد جي ٽئين نمبر تلاءَ واري علائقي ۾ عبدالله عمراڻيءَ جي گهر ۾ ٿيو.