گل محمد هوت

گل محمد هوت (اداڪار): گل محمد هوت پھرين جنوري 1930ع تي، ڳوٺ غازي خان هوت، ضلعي شھيد بينظير آباد ۾ حاجي خان هوت جي گهر ۾ ڄائو. ايم.اي ۽ ايل.ايل.بي جون ڊگريون حاصل ڪيائين. ھن ڪلرڪيءَ جي نوڪريءَ کان پنھنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي. ان کان پوءِ ريڊيو پاڪستان تي پھريون سنڌي ’نيوز ريڊر‘ بڻيو، هن فلمن به ڪم ڪيو. 1956ع ۾ سنڌي فلم ’عمر مارئي‘ ۾ مارئيءَ جي پيءُ جو ڪردار ادا ڪيائين، ان کان پوءِ ھن ’سسئي پنھون‘، ’اباڻا‘، ’پرديسي‘، ’پرائي زمين‘ ۽ اردو فلم ’چراغ جلتا رها‘ ۾ ڪم ڪيو. فلم ’پرائي زمين‘ جي ڪھاڻي ۽ مڪالما به ھن ئي لکيا.
ھن آمريڪا جي 75 دستاويزي فلمن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري پنھنجي آواز ۾ رڪارڊ ڪرايو. ھن پاڪستان نيشنل سينٽر ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل طور ڪم ڪيو ۽ ان وقت جي وزيراعظم محمد خان جوڻيجو جو ’سنڌي ٽرانسليٽر‘ به رهيو. سندس يادگيرين تي مشتمل ٻھ ڪتاب ’ٻاروچا ٻيا به گهڻا‘ ۽ ’بھارين بيت گئين‘ (اردو) ڇپجي چڪا آھن. هن 29 جولاءِ 2022ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1930.01.01  عيسوي

گل محمد هوت پھرين جنوري 1930ع تي، ڳوٺ غازي خان هوت، ضلعي شھيد بينظير آباد ۾ حاجي خان هوت جي گهر ۾ ڄائو.


2022.07.29  عيسوي

گل محمد هوت 29 جولاءِ 2022ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پدن شرما
ترخان مرزا محمد باقي بيگ
عبدالتواب خان ڊاڪٽر
ايشور آنچل
ڄام خان چانڊيو
عزيز بلوچ
ڄام علاؤالدين جوڻو بن بابينو
درويش اسحاق
صغران بي بي
عبدالواحد هاليپوٽو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون