گل محمد چنا

گل محمد چنا

گل محمد چنا

گل محمد چنا : مشھور اديب گل محمد ولد محمد عمر چنا، 3 اپريل 1937ع تي نوابشاھہ شھر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم غريب آباد اسڪول مان حاصل ڪري، مئٽرڪ ايڇ. ايم. خواجہ هاءِ اسڪول مان ڏنائين. شاگرديءَ واري دؤر ۾ ’ادا‘ مئگزين جاري ڪيائين. ايڇ. ايم. خواجہ کيس گهڻو ڀائيندو هو. اڳتي هلي ايڇ. ايم. خواجہ اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيو. اسڪول ۾ پڙهائڻ دوران هن ڪيترن غريب شاگردن کي ڪتاب ۽ ڪپڙا وٺي ڏنا. 1962ع ڌاري بئنڪ ۾ نوڪري لاءِ امتحان ڏنائين، جنهن ۾ پاس ٿي بئنڪ ۾ ملازم مقرر ٿيو. نوڪريءَ دوران تقريباً سڄي سنڌ جي شهرن ۾ سندس بدلي ٿيندي رهي. 1974ع ڌاري ’Banking Magazine‘ نالي سان رسالو جاري ڪيائين. گل محمد چنا نوڪريءَ دوران ڪنڌڪوٽ ۽ شھدادڪوٽ سميت ڪيترن شهرن ۾ ڪاليج کولرايا، جتي نوڪريءَ جي حوالي سان رهيو، اتي سنڌي ادبي سنگت شاخ جو ميمبر ٿي رهيو. سڪرنڊ، دادو، شھدادڪوٽ ۽ جيڪب آباد جي شاخن جو سيڪريٽري رهيو. سندس ڪيترا مضمون مختلف سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. سندس هڪ ناول ’پيار ۽ پڇتاءُ‘ 2007ع ڌاري شايع ٿيو. هو 1997ع ڌاري نوڪري تان رٽائر ٿيو.گل محمد چنا جي وفات 26 جنوري 2003ع تي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1937.04.03  عيسوي

مشهور اديب گل محمد ولد محمد عمر چنا، 3 اپريل 1937ع تي نوابشاهه شهر ۾ جنم ورتو.


2003.01.26  عيسوي

گل محمد چنا جي وفات 26 جنوري 2003ع تي ٿي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رفيق احمد مڱريو ڊاڪٽر
مرتضيٰ سيال
گوبند پنجابي
امر جماڻي ڏيپلائي
قاضي خادم حسين
محمد پناھہ ڦرڙو
غلام شبير پيراهين
جوگندر پال
چندر ڪيسواڻي
حميد سنڌي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون