گل محمد گاد

گل محمد گاد

گل محمد گاد

گل محمد گاد: ليکڪ ۽ محقق گل محمد ولد محمد بچل گاد جو جنم لاڙڪاڻي جي عاقل ڳوٺ ويجهو ڪچي واري علائقي ۾ 15 آگسٽ 1941ع تي ٿيو. ابتدائي ۽ ثانوي تعليم لاڙڪاڻي مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي مان بي. اي ڪئي. هن عملي زندگيءَ جي شروعات ميونسپل جناح لائبريري لاڙڪاڻي ۾ لائبريرين طور ڪئي، جتي سندس ملاقات سنڌ جي اديبن، دانشورن سان ٿي، جن ۾ شيخ اياز، سوڀو گيانچنداڻي ۽ ٻيا شامل هئا. 1971ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان لائبرري سائنس ۾ ڊپلومه ڪرڻ کانپوءِ هو ميونسپل ڪاميٽي لاڙڪاڻي ۾ اينٽي انڪروچمينٽ آفيسر مقرر ٿيو. ميونسپل ڪاميٽيءَ ۾ نوڪريءَ دوران هن ملازمن جي ڀلائيءَ لاءِ ميونسپل ايمپلائيز يونين جو بنياد وڌو ۽ پاڻ ان جو جنرل سيڪريٽري ٿيو. انهيءَ پليٽ فارم تان هن ميونسپل جي صفائي ڪندڙ عملي جي ڪٽنب لاءِ هريجن ڪالوني تعمير ڪرائي. گل محمد گاد لاڙڪاڻي جي تاريخ تي مشتمل اهم ڪتاب ‘لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو’ (1985ع) ترتيب ڏئي ڇپرايو، جنھن جو مھورت علي محمد شاهه راشدي'>پير علي محمد شاهه راشدي ڪيو. سندس اولاد ۾ جميل گاد سياست ۽ لطيف گاد صحافت سان لاڳاپيل آهن.


لفظ گل محمد گادھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1941.08.15  عيسوي

ليکڪ ۽ محقق گل محمد ولد محمد بچل گاد جو جنم لاڙڪاڻي جي عاقل ڳوٺ ويجهو ڪچي واري علائقي ۾ 15 آگسٽ 1941ع تي ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جماڻي مدن
اجتو فقير راڄڙ
سمه بن ديوائچ
پاٽائي شيخ مبارڪ
تحوتمش III
ظفر حسن مرزا جسٽس
ابڙو عبدالحق
پير پاڳارا خاندان
بالميڪي/والميڪي
تميزالدين مولوي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون