گنجا ٺوڙها ڍنڍ

گنجا ٺوڙها ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ دادو ضلعي جي تعلقي ميھڙ ۾ ڳوٺ گنجن ۽ ٺوڙھن جي ويجهو ديھه گنجا ۾موجود آهي. هيءَ ڍنڍ درياهه جي رخ مٽائڻ ڪري وجود ۾ آئي. ھن ڍنڍ کي بئراج وسيلي آباد ڪري مڇيءَ جو ٻيجارو ڇڏيو ويو. ھن وقت هتي مڇي جام ٿيندي آهي ۽ پکين جو شڪار ٿيندو آهي. ھن ڍنڍ جو وهڪرو جهتيال ڍنڍ سال ڳنڍيل آهي. فشريز کاتي پاران هر سال ھن ڍنڍ جي نيلامي ٿيندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو