گنجو ٽڪر جبل

گنجو ٽڪر (جبل): گنجو ٽڪر سنڌو درياهه جي اوڀارئين ڪناري کان ٿورو پري، حيدرآباد جي ڏکڻ طرف آهي، گنجي ٽڪر جو سلسلو حيدرآباد ۽ موجوده لطيف آباد تعلقي ۾ موجود آهي، جيڪو اُتر کان ڏکڻ تائين، درياهه سان هلندي اٽڪل تيرھن ميلن ۾ ٽنڊي محمد خان ضلعي جي علائقن تائين پکڙيل آهي. حيدرآباد جو هاڻوڪو شھر جنھن ٽڪريءَ تي ٻڌل آهي، اها ٽڪري گنجي ٽڪر جي شاخ آهي. سنڌ ۾ حيدرآباد ئي هڪ اهڙي جڳھه آهي. جتي چُن جو پٿر زمين جي مٿاڇري کي ڦاڙي ٻاهر آيل آهي. انهيءَ پھاڙ تي هڪ مضبوط قلعو ڪلهوڙا دؤر جي حڪمران ميان غلام شاهه ڪلهوڙي سن 1769ع ۾ ٺھرايو، جيڪو پڪي قلعي جي نالي سان موجود آهي. ھنن ٽڪرين جي اوچائي سمنڊ کان اٽڪل 250 فوٽن تائين آهي.
”گنجو ٽڪر کير ٿر جبل جي چُن جي پٿر جي ڦٽل ۽ الڳ ڇاڙ آهي. گنجو ٽڪر مينھن جو پاڻي ڦاٽن ۽ سوراخن وسيلي جذب ڪري ٿو، جيڪو 200 فوٽ کن هيٺ لھي وڃي ٿو. پاڻي جبل مان لوڻياٺ ڇُھڻ ڪري کارو ٿي پوي ٿو، جنھن ڪري گهرو استعمال ۽ فصل لاءِ ڪارآمد نه آهي.“ البت جبلن جي اردگرد 9 ميلن اندر درياهه جي ريٽ واري حصي ۾ 40 فوٽن جي گھرائي ۾ مٺو پاڻي موجود آهي. اهو پيئڻ ۽ فصل لاءِ سُٺو آهي. گنجي ٽڪر ۾ قديم غارون به موجود آهن. اهي غارون هڪٻئي کان اٽڪل اڌ ڪلوميٽر جي دائري ۾ هل پارڪ ويجهو آھن. ٽنهي غارن جا دروازا ڪائيءَ وارين غارن وانگر پٿر جي ڇيڻين سان ٽُڪيل آھن، پر انهن ۾ ڌاتوءَ جي ڇيڻيءَ سان ٽُڪ به موجود آهي، جيڪا بعد واري زماني ۾، شايد ٻوڌين يا ڪاليءَ جي پوڄارين ۽ ياترين پاران گهرج آهر ڪيل ترميم آهي. ھنن غارن جون ڇتيون به گولائيءَ ۾ گهڙيل آھن. ٻئي نمبر واري غار کي گوندراڻي (بلوچستان) غارن وانگر ورانڊو به آهي، جنھن مان ٻھ در هڪ ئي ڪمري ۾ داخل ٿين ٿا، جڏھن ته ٻنهي دروازن جي وچ واري ڀت: ڇت لاءِ ٿنڀي طور سھارو بنجي ٿي. اها ڳالهه ڪائي وارين غارن سان هڪجھڙائي رکي ٿي. ٽين غار هل پارڪ تي مائي خيريءَ جي مقبري لڳ آهي، جنھن کي هل پارڪ جي تعمير وقت هٿرادو طور بند ڪيو ويو آهي.
آڳاٽي دؤر ۾ گنجي ٽڪر تي سنياسين ۽ درويشن جو وڏو ميڙ ٿيندو رهيو هو. قديم وقتن ۾ ھنگلاج توڙي دوارڪا وارا قافلا ھن تيرٿ کان ٿيندا ويندا هئا. انهيءَ سبب ھن ٽڪر کي ’گنجو ولين جو منجو‘ جي لقب سان ياد ڪيو ويندو هو. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ پنھنجي ڪلام جو سُر کاهوڙيءَ ۾ گنجي بابت ڪيترائي بيت چيا آهن.
چيو وڃي ٿو ته: شاهه لطيف ھنگلاج ياترا تي انهيءَ ٽڪريءَ واري رستي تان جوڳين سان گڏ ويو هو. گنجي ٽڪر جي ھنج ۾ صديون پراڻو ڪالي مندر آهي. ڪالي مندر ۾ هڪ قديم غار پٿر جي دور جي آهي. غار بابت روايت آهي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه ان غار ۾ عبادت به ڪئي هئي. ڪيترن ڏاھن جو چوڻ آهي ته گنجي ٽڪر ۽ ان جي آسپاس جي کوجنا کان پوءِ اتان قديم شيون، قبرن مان هڏاوان پڃرا ۽ ٽڪريءَ تي کنڊرن جي نشانن جا آثار مليا آھن. هتان لڌل قديم شيون هاڻي پرنس آف ويلز ميوزم ممبئيءَ ۾ رکيل آھن. هينري ڪزنس کي ”مھاتما ٻُڌ جي آرائشي ٺِڪر جي مورتيءَ جا ٽُڪرا حيدرآباد سنڌ جي گنجي ٽڪر جي ٻي ڇاڙهه مان مليا هئا. مُلاڪاتيار ۽ ٽنڊي محمد خان جي وچ تي سعيدپور جي ڀرسان ماڳن تان وڏي تعداد ۾ قديم آثار ۽ شيون ڏسڻ ۾ آيون هيون.“ هن ٽڪريءَ تي ڪيترا ئي نامور بزرگ ۽ ولي شيخ ڀريو ويرداس، نھال شاهه نوري ۽ درويش ڇتو آرامي آهن. 1947ع کان پوءِ حيدرآباد ۾ صنعتي علائقو قائم ڪرڻ لاءِ ’سنڌ انڊسٽريل ٽريڊنگ اسٽيٽ‘ قائم ڪئي وئي. موجوده وقت ۾ حيدرآباد گنجي ٽڪر جي آسپاس ۾ وڏي تعداد ۾ ننڍيون وڏيون صنعتون موجود آھن. گنجي ٽڪر جي ٽڪريءَ تي شھداداڻي ٽالپرن جو قديم قبرستان پڻ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو