گنهره ڍنڍ/گهنره ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ دادو ضلعي جي ميھڙ شھر کان 22 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اولھه طرف موجود آهي. ھن ڍنڍ جي پکيڙ چورس پنج ڪلوميٽر کن ٿيندي. سنڌ ۽ بلوچستان صوبن کي ملائيندڙ رستو، ھن ڍنڍ جي دنگ تي هئڻ ڪري، ٻنهي صوبن جي ماڻهن جي موڪلن ۽ ٻين خاص ڏينھن ۾ گهڻي اچ وڃ رهي ٿي، جيڪي سير، تفريح ۽ شڪار لاءِ هتي ايندا رهندا آھن. هتي ٻيڙين جي به سھوليت آهي. مڇي پڻ ٿئي ٿي. ھن ڍنڍ ۾ ڏيھي پرڏيھي پکي به اچن ۽ رهن ٿا، جن ۾ ڪونج، بدڪ، آڙي، نيرڳي، ڪھنگ ٿورانڊو، ڄاڃي لاکو، کانڀائو ۽ ٻيا شامل آھن.
مقامي ملاحن جي لاءِ بھترين روزگار جو ذريعو پڻ آهي. ڍنڍ جي اولھه پاسي ڪجهه فاصلي تي سنڌ جي مشھور اولياء عبدالله شاهه گودڙيي جي مزار آهي. هن بزرگ جي ميلي وارن ڏينھن ۾ ڍنڍ تي ماڻهن جي اچ وڃ ۽ رونق رهندي آهي.