گنيز بُڪ آف ورلڊ رڪارڊ: ساليانو ڇپجندڙ هڪ اهڙو ڪتاب آهي، جنھن ۾ سڄي دنيا جا دلچسپ ۽ حيران ڪندڙ رڪارڊ درج هوندا آهن. ان جو گلوبل، هيڊڪوارٽر لنڊن ۾ آهي. هي ڪتاب 1954ع کان لڳاتار ڇپجندو اچي. ان ڪتاب جون هن مھل تائين 150 ملين کان وڌيڪ ڪاپيون وڪرو ٿي چڪيون آهن، جيڪو پڻ هڪ رڪارڊ آهي. هر سال گنيز بُڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ نوان نوان دلچسپ ۽ حيران ڪندڙ رڪارڊ ڇپجندا آهن. هن ڪتاب ۾ سڄي دنيا سان گڏ پاڪستان جي دلچسپ ۽ حيران ڪندڙ شخصيتن جو ذڪر به آهي. گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ مختلف حقيقتن تي مشتمل هوندو آهي، جنھن ۾ هر طرح جو رڪارڊ قلمبند ڪيو ويندو آهي. هر سال هن ۾ نوان نوان رڪارڊ شامل ٿيندا رهن ٿا. ڪنھن رڪارڊ ۾ درستي ڪرڻ يا وري نئين رڪارڊ کي شامل ڪرائڻ لاءِ لکت ۾ درخواست جمع ڪرائڻي پوندي آهي. جنھن لاءِ مقرر فيس ادا ڪئي ويندي آهي. اهو ڪتاب انگريزي، جرمن، روسي، عربي، فارسي، جاپاني، يوناني، چيني ۽ ڪوريائي سميت دنيا جي 40 ٻولين ۾ ڇپجي چڪو آهي. هن جي فھرست ويب سائيٽ تي پڻ موجود آهي.