گن ڪلي گن ڪري

گن ڪلي / گن ڪري (راڳڻي): هيءَ ڀيرو ٺاٺ جي اوڍو راڳڻي آهي. ھن ۾ گنڌار ۽ نکاد سر ورج آھن. مندر ۾ مڌ آستان جي سرن کان راڳڻي کي ڳايو وڃي ٿو. رکب ۽ مڌم جي سنگت جي ڪري ڪجهه جوڳيا جي شڪل نظر ايندي پر جوڳ يا جوڳيا ۾ نکاد آهي. ھن ۾ نکاد ورج آهي. شام جي راڳن ۾ جھڙي طرح نکاد ۽ گنڌار ٻنھي سرن جو ورج ٿيڻ سٺو ناهي، اهڙيءَ طرح صبح جي راڳن ۾ ڌيوت ۽ رکب ٻنھي سرن جو ورج ٿيڻ سٺو ناهي.
خاص تان: سا – را را – ساڌا سا – را – مارا – ساڌا پا- پا – ڌا سا رامارا – سا – سارا سا
آروهي: سارا ما پا ڌا سا
امروهي: سا ڌا پا ماراسا
وادي سر: ڌيوت
سموادي سر: رکب
هي راڳڻي رات جي پوئين پھر ۾ ڳائي ويندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو