گهارو محمودو واهه

گهارو محمودو واهه: سنڌو درياهه جو هڪڙو وهڪرو، گهارو وڏو جي نالي سان مشھور هوندو هو، جيڪو هالا وٽ مارک واهه جي منھن کان هيٺان مکيه وهڪري کان ڌار ٿيندو هو، جنھن کي درياهه کاڌ وجهي لڳاتار تباهه ڪيو، جنھنڪري ان منجهان ٽي واهه ڌار ڌار وهڻ لڳا، جيڪي گهارو راڻو، گهارو ڀاڻوٺ ۽ گهارو محمودو جي نالن سان مشھور ٿيا. گهارو محمودو سورهن ميل ڊگهو آهي، جيڪو علي بحر ٽنڊي آدم ۽ سانگڙو واهن کي پاڻي پهچائي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو