گهاڙي واهه

گهاڙي واهه: دادو ضلعي ۾ قديم زماني کان قائم ۽ ٻاروهي وهندڙ ’گهاڙي واهه‘ به قنبر-شھدادڪوٽ جي ’گهاڙ واهه‘ جيان سنڌو درياهه جو آڳاٽو ڦاٽ هو. گهاڙي ڦاٽ، ناري جي اولهه ۾ وهندڙ درياهي وهڪري مان وهي موجوده ’مرکپور‘ جي اتر کان سيال ڪولاب جي ڇڇ ۾ پوندو هو. هي وهڪرو دوآبي کان اوڀر ۾ وهي گچيري ڍنڍ ۾ پوندو هو. گهاڙي واهه پير محمد مراد جي اتر کان ٿيندو دادو شاهه ڳوٺ کان ڦري مرکپور ڳوٺ جي اتر ۾ پنھنجي پراڻي هنڌن تان وهي ناري تائين ويندو هو. گهاڙي واهه تي گهڻيون آباديون ٿينديون هيون. گهاڙي واهه جي ڪن هنڌن تي نار به چڙهندا هئا. گهاڙي واهه 1932ع ۾ دادو ڪئنال وهڻ ڪري ختم ٿي ويو.


لفظ گهاڙي واههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو