گهاڙ نئن: ڪوهه سرخ يا رتا پھاڙ مان ايندڙ گهاڙ نئن. ميداني علائقن ۽ ملا پاس (لڪ) جي مينھن جو پاڻي نئين رسي وڃي درياهي پاڻيءَ سان ملي، شهداد ڪوٽ جي ڏکڻ کان لنگهي، ناري رستي وڃي منڇر ڍنڍ ۾ پوندو هو.
گهاڙ نئن جي هڪ ٻي ڇاڙهه به سنڌو درياهه سان ملندي آهي، جيڪا ٻين نين کان ٿورو اوڀر طرف آهي. ڪيترا ماڻهو هن گهاڙ جي ڇاڙهه کي نارو ڪري سمجهندا آهن. الھندو نارو سنڌو درياهه جي هڪ قدرتي شاخ آهي.