گهاڙ واري واٽ يا بادشاهي سڙڪ

گهاڙ واري واٽ يا بادشاهي سڙڪ: هي هڪ آڳاٽي تاريخي واٽ هئي، جيڪا بادشاهي سڙڪ به سڏبي هئي. اها ڏکڻ کان ٿيندي، 12 ڪوهي ٿر مان لنگهندي هئي. هي واٽ ڏکڻ طرف ڄام ڏاتار کان هلي وڃي، شادي شھيد (روهڙي تعلقي) سان لڳندي هئي، اڳي هن واٽ سان پاڻيءَ جي منزل وارا تڙ هئا، جن ۾ ميرن جي دور ۾ اضافو ٿيو. انھن تڙن ۾ چنگو خان شر وارو تڙ، سرائي واحد بخش خاصخيلي وارو تڙ ۽ ٻيا شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو